اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قيمتي پٿرن جي شعبي ۾ درپيش مسئلن جي حل ۽ ان جي فروغ جي حوالي سان تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي چيو آهي ته قدرت پاڪستان کي تمام گهڻن قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي، قيمتي پٿرن جي شعبي جي فروغ سان نه رڳو نوجوانن جي لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر ان سان ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ڪرڻ ۾ پڻ تمام گهڻي مدد ملندي. هو ملڪ ۾ موجود مختلف جواهر جي قدرتي ذخيرن کي استعمال ۾ آڻڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ موجود قيمتي پٿرن (زمرد، لعل، ياقوت، نيلم) جي تصديق ٿيل ذخيرن، شعبي ۾ ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ، جواهر جي حوالي سان پرڏيهي سيڙپڪاري، روانگي واپار ۽ ان ڏس ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. قيمتي جواهر جي شعبي ۾ ملڪي صلاحيت مان مڪمل طور تي فائدو کڻڻ ۽ ان حوالي سان ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي ڏس ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ لاڳاپيل ايشوز تي پڻ تفصيلي غور ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته قدرت پاڪستان کي تمام گهڻن قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ انهن وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ تي ڪو ڌيان نه ڏنو ويو. جواهر جي شعبي جي فروغ سان نه رڳو ان سيڪٽر ۾ نوجوانن جي لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر ان سان ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافي ۾ پڻ تمام گهڻي مدد ملندي.
متعلقہ مضامین
-
iOS کے لیے سلاٹ مشین ایپس: تفریح اور مواقع
-
پاکستان قدرتی اور ثقافتی خزانے کی سرزمین
-
سلاٹ مشین پرستار گروپ کی دلچسپ دنیا
-
پاکستانی سامعین کے لیے بہترین سلاٹ گیمز: تفریح اور موقعے کا بے مثال تجربہ
-
ترقی پسند سلاٹس: جدت اور سماجی تبدیلی کا نیا دور
-
آئی جی ٹی سلاٹس کی دنیا میں دلچسپ اور منفرد تجربہ
-
آئی جی ٹی سلاٹس کی دنیا اور جدید گیمنگ ٹیکنالوجی
-
آن لائن اردو سلاٹس گیمز کا نیا تجربہ
-
بہترین RTP کے ساتھ سلاٹس: پلیئرز کے لیے زیادہ واپسی کی ضمانت
-
آن لائن کیسینو سلاٹ مشینیں اور جدید دور کا کھیل کا تجربہ
-
آن لائن کلاسیکی سلاٹ مشینز: تفصیل اور فائدے
-
ملٹی لائن سلاٹ گیمز کی دنیا اور اس کی دلچسپ خصوصیات